ڄام تماچي

ڄام تماچي: سنڌ جو نامور حڪمران ڄام تماچي، رڪن الدين شاهه جي لقب سان 1368ع ۾، پنهنجي سئوٽ خيرالدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏ سنڌ جو حڪمران بنيو. ڄام تماچي، ڄام فيروز انڙ (اول) جو پٽ هو. دهلي سـلطـنت جي خلاف پاليسين جي ڪري کيس 1370ع ۾ هٽائي، علاؤالدين ڄام جوڻي کي سنڌ جو نئون حاڪم بنايو ويو ۽ ڄام تماچيءَ کي دهلي بدر ڪيو ويو. دهليءَ ۾ سندس ڀاءُ ڄام بابينو اڳ ۾ ئي شاهي نظرداريءَ هيٺ رهيل هو.
ڄام تماچيءَ جي حڪومت جو پهريون دور ٻه سال هليو. ان کان پوءِ 1388ع ۾ فيروز تغلق جي موت سان دهلي سلطنت ڪمزور ٿيڻ لڳي. تڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام بابينو دهلي ڇڏي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. ڄام بابينو واٽ تي ئي فوت ٿي ويو. سنڌ جا ماڻهو ڄام جوڻي مان اڳ ئي بيزار هئا. جڏهن ڄام تماچيءَ کيبرن وٽان لنگهيو، ته درويش نوح هوٿياڻيءَ هي شعر چيو:
جوڻو وڃي جهوريءَ ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
ان ڏس ۾ ٻيو به هڪ بيت تاريخن ۾ رقم آهي:
جوڻو مت اوڻو، آءُ تماچي آءُ،
سٻاجهي ٻاجهه پئي، تو سين ٺٽو راءُ.
تاريخ مان اها خبر ٿي پوي ته ڄام جوڻي جو ڪهڙو حشر ٿيو، البت ٺٽي جي عوام ڄام تماچيءَ جو زبردست استقبال ڪيو ۽ ائين 1388ع ۾ ڄام تماچي ٻيو ڀيرو سنڌ جو سلطان بنجي ويٺو. پاڙيسيري ملڪ ۾ آيل سياسي تبديلين جي ڪري سنڌ ملڪ هاڻي مڪمل آزاد هو. هن دور ۾ سنڌ جي اوڀر ۾ رياست ’گجرات‘ به آزادي حاصل ڪري ورتي هئي. سلطنت هند جي نائب ظفر خان گجرات ۾ آزادي حاصل ڪرڻ سان گڏ خانداني بادشاهت جو بنياد رکيو، جنهن کي تاريخن ۾ ’مظفرشاهي‘ سلطنت سڏجي ٿو. اڳتي هلي ڄامن سمن ۽ گجرات جي حاڪمن ۾ سٺا تعلقات قائم ٿيا ۽ ٻنهي شاهي خاندانن ۾ مٽيون مائٽيون به ٿيون. ان ريت سنڌ ۽ گجرات جا سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا.
روايتن موجب ڄام تماچي فراغت واري وقت ۾ شيل شڪار به ڪندو هو. اهڙي ئي هڪ موقعي تي هن ڪينجهر ڍنڍ تي نوري مهاڻي ڏٺي، اُن جي حسن تي موهت ٿيو، پوءِ اُن سان شادي ڪيائين. سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن نوري ۽ ڄام جي محبت کي خوب ڳايو آهي.
شاهه لطيف جي پيشرو شاعر ميين شاه عنايت جو هڪ شعر آهي:
ماڻهـو چونِ مـي، آنءُ آهـيـڙيـاڻـي آهيان،
ٿـوري جي ٿـرن جا، مون کان چڱا سي،
ڄام تماچي جـي، نـظــرَ نـوازِي آهـيـان.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي:
ٿِئا تماچي ڄامِ سين، مهاڻا محروم،
ننڍِي وڏِي گندريءَ، مٿي ماڙِي ڌومَ،
جي ڪينجهر، جي روم، سي سڀ اِنعامي ٿِئا.
ڄام تماچي ۽ نوريءَ جو قصو، سنڌ جي رومانوي داستانن مان هڪ اهم داستان آهي. ’شاهه جي رسالي‘ جو ’سُر ڪاموڏ‘ هن داستان جو عڪس آهي.
ڪينجهر ڍنڍ جي ڀرسان ڄام تماچيءَ جي ماڙيءَ جا آثار موجود آهن.
ڄام تماچي صلح پسند ۽ عوام دوست حاڪم هو. هن ڪينجهر جي مهاڻن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ۽ مٿانئن محصول معاف ڪيو. 1392ع ۾ آزاد ۽ خوشحال سنڌ واري دور ۾ وفات ڪئي. بعد ۾ سندس پٽ ڄام صلاح الدين سنڌ جو نئون سلطان بڻيو.


لفظ ڄام تماچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو